حمودالرحمان ڪميشن

حمودالرحمان ڪميشن: ڊسمبر 1971ع ۾ جڏهن پاڪستان جو اوڀر وارو حصو ٽٽي، آزاد ۽ خودمختيار ملڪ بنگلاديش بڻجي ويو ته ان سانحي جي پسمنظر کي آڏو رکي ان عرصي جي واقعن ۽ سببن جي تحقيق لاءِ 24 ڊسمبر 1971ع تي اڳوڻي صدر ذوالفقار علي ڀُٽي هڪ ڪميشن جوڙڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو. ان ڪميشن جي سربراهي سپريم ڪورٽ جي ان وقت جي چيف جسٽس، جسٽس حمود الرحمان کي ڏني وئي. سندس مددگارن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس طفيل علي عبدالرحمان ۽ پنجاب هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس انوارالحق به شامل هئا. هن ڪميشن جو دائرو محدود رکندي، اهي هدايتون جاري ڪيون ويون ته ڪميشن انهن حالتن بابت تحقيق ڪري، جن جي ڪري ايسٽرن ڪمان جي ڪمانڊر هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ ان جي زيردست هٿياربند فوج جي اهم عملدارن به هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ اوڀر پاڪستان، ڀارتي سرحدن توڙي ڄمون ڪشمير رياست ۾ سيز فائر لائن تي جنگ بنديءَ جو حڪم ڏنو ويو.حمود الرحمان ڪميشن 17 جنوري 1972ع کان پنهنجي جاچ جو ڪم شروع ڪيو ۽ 12 جولاءِ 1972ع تي پنهنجي عبوري رپورٽ اڳوڻي صدر ذوالفقار علي ڀُٽي جي آڏو پيش ڪئي. 1974ع ۾ جڏهن ڀارت وٽان جنگي قيدين جي واپسيءَ وارو عمل مڪمل ٿيو ته هن ڪميشن ٻيهر تحقيق جو رخ موڙي جنرل نيازيءَ ۽ ٻين قيدي فوجين جا بيان قلمبند ڪيا ۽ پوءِ 25 نومبر 1974ع تي تفصيلي رپورٽ ۽ سفارشون ذوالفقار علي ڀُٽي کي پيش ڪيون، جيڪو ان دوران پاڪستان جو وزيراعظم بڻجي چڪو هو. عوامي حلقن پاران اها رپورٽ شايع ڪرائي حقيقتون عام ڪرڻ جو مطالبو به ٿيندو رهيو، پر پاڪستاني فوج جي ساک کي آڏو رکندي ڪميشن جي اها رپورٽ شايع نه ڪرائي وئي، ڪجهه فوجي حلقن جو چوڻ هو ته فوجي اعليٰ ڪمان هن رپورٽ جي اشاعت لاءِ اجازت به ڏني هئي. ڪيترا سال حمودالرحمان ڪميشن جي اها رپورٽ ڳجهي رهي، پر 21 آگسٽ 2000ع تي ڀارت جي رسالي ’انڊيا ٽوڊي‘ پنهنجي هڪ خاص اشاعت ۾ هن رپورٽ جا ڪجهه اهم اقتباس هٿ ڪري شايع ڪري ڇڏيا، جيڪي پوءِ پاڪستاني اخبارن ۾ به شايع ٿيا. ان کانپوءِ پاڪستان حڪومت به هن رپورٽ کي ڊي ڪلاسيفاءِ ڪرڻ تي راضي ٿي. 30 ڊسمبر 2000ع تي ملڪ جي اڳوڻي چيف ايگزيڪيٽِو جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ هن رپورٽ جو دستاويز ميڊيا جي حوالي ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هن سانحي جون حقيقتون عوام آڏو نروار ٿيون.


لفظ حمودالرحمان ڪميشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.12.24  عيسوي

ڊسمبر 1971ع ۾ جڏهن پاڪستان جو اوڀر وارو حصو ٽٽي، آزاد ۽ خودمختيار ملڪ بنگلاديش بڻجي ويو ته ان سانحي جي پسمنظر کي آڏو رکي ان عرصي جي واقعن ۽ سببن جي تحقيق لاءِ 24 ڊسمبر 1971ع تي اڳوڻي صدر ذوالفقار علي ڀُٽي هڪ ڪميشن جوڙڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو.


1972.01.17  عيسوي

ڪميشن 17 جنوري 1972ع کان پنهنجي جاچ جو ڪم شروع ڪيو


1972.07.12  عيسوي

12 جولاءِ 1972ع تي پنهنجي عبوري رپورٽ اڳوڻي صدر ذوالفقار علي ڀُٽي جي آڏو پيش ڪئي.


2000.12.30  عيسوي

30 ڊسمبر 2000ع تي ملڪ جي اڳوڻي چيف ايگزيڪيٽِو جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ هن رپورٽ جو دستاويز ميڊيا جي حوالي ڪيو ويو،



تاريخ ۽ واقعا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جاڙي جبل واري جنگ
ارڙهن آڪٽوبر
ٿڌي واري ٻي جنگ
دنيا جا عالمي ڏينهن
عالم الوفود
ٽوڙهي ڦاٽڪ وارو واقعو
ٻي عالمي جنگ
آپريشن ڪلين اپ
پاري نگر
راجا سامبس
تاريخ ۽ واقعا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون